رَڇُ پوکڻ

رَڇُ پوکڻ: ڀن وجھڻ يا رڇ وجھڻ عام اصطلاح آهن، پر رڇ پوکڻ خاص اصطلاح آهي. يعني مڇي مارڻ لاءِ پاڻيءَ ۾ رڇ وجھڻ، پر وڏي سمنڊ ۾ رڇ وجھڻ کي گھاتو رڇ پوکڻ چوندا آهن. ڪراچيءَ جا سامونڊي گھاتو رڇ پوکڻ ۾ ماهر آهن. اندران نڪري ٻاهر وڃي رڇ پوکيندا ۽ رڇ پوکي موٽي کاڏي ۾ ايندا آهن. کاڏي سمنڊ جي تري ۾ قدرتي ڊگھي کوٽيل ڪسي يا کاهي آهي، جيڪا اندران نڪري ٻاهر سمنڊ ۾ وڃڻ لاءِ هوڙن ۽ جهازن جي واٽ جو ڪم ڏئي ٿي. گھاتو سامونڊي اونهائيءَ واري پاڻيءَ تائين وڃي رڇ پوکيندا آهن. هڪ ڏينهن صبح جو رڇ پوکيندا ۽ اٺن پهرن کان پوءِ ٻئي ڏينهن صبح جو وڃي ڪڍندا آهن، چوندا ته فلاڻا گھاتو ’پوک وڇي آيا.‘


هن صفحي کي شيئر ڪريو